غلام علي موسيقار

غلام علي (موسيقار): سنڌ جو مشھور موسيقار ۽ فنڪار ماسٽر غلام علي ولد استاد واحد بخش خان 23 نومبر 1933ع تي سيد جمال شاهه بخاري پاڙي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس واسطو ماڙيچا گهراڻي جي ڏگي خاندان سان هو. انٽر تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ استاد بڙي غلام علي خان جي ڀاءُ استاد برڪت علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا حاصل ڪئي. 1945ع ڌاري ننڍپڻ ۾ ئي پنھنجي والد سان گڏ جوڌپور جي مھاراجا جوار سنگهه جي ڀاءُ جي شاديءَ ۾ پنھنجو فن پيش ڪري داد حاصل ڪيو. سنڌي موسيقيءَ ۾ سڀ کان پھرين گهڻن سازن سان ڪمپوز ڪري ڳارائڻ جو کيس اعزاز حاصل آهي. پاڻ سنڌي موسيقيءَ جو نوشاد تصور ڪيو ويندو آهي. 1953ع ڌاري سندس ملاقات شيخ حسن سان ٿي، جنھن کيس فلم ‘عمر مارئي’ ۾ ‘کيت’ جو ڪردار ڏنو. سندس ڌنون ٻڌڻ کانپوءِ، شيخ حسن ۽ اسماعيل بن واصف کيس فلم ’عمر مارئي‘ ۾ اداڪاريءَ بدران ڪمپوزر طور کنيو. هن، فاطمه جناح جي زندگيءَ تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽري فلم ‘هماري زبان’ جي موسيقي پڻ ترتيب ڏني، جنھن تي 1958ع ۾ کيس محترمه فاطمه جناح پنھنجي هٿن سان ايوارڊ ڏنو. سنڌي فلمي دنيا ۾ ڌمال جو تصور به ماسٽر غلام عليءَ ڏنو. پھرين سنڌي ڌمال “صدقي صدقي لال قلندر، سيوهڻ جا سردار قلندر” ماسٽر غلام عليءَ جي ٺاهيل مشھور ڌن آهي. ان کان پوءِ “پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونھاري” لطيف سائين تي ڌمال ۽ پوءِ سچل سائين تي ڌمال “جنھن دل پيتا عشق دا جام” جي موسيقي ڏئي وڏي شھرت حاصل ڪئي. هن جرمني ۽ جاپان ۾ به پروگرام ڪيا. ماسٽر غلام عليءَ جي موسيقي ۾ ٺھيل فلمن ۾: ‘پنو عاقل’ (1970ع)، ‘فيروز گل’ (1970ع)، ‘نوري ڄام تماچي’ (1970ع)، ‘ليليٰ مجنون’ (1971ع)، ‘محبوب مٺا’ (1971ع)، ‘مٺڙا شال ملن’ (1972ع)، ‘البيلي’ (1973ع)، ‘جيجل ماءُ’ (1973ع)، ‘پيار ڪيو سينگار’ (1974ع)، ‘تان صدقي'>پيار تان صدقي’، ‘منھنجو پيار پڪاري’، ‘رت جا رشتا’، ‘رت ۽ اجرڪ’ (1977ع)، ‘اميد’ (1983ع)، ‘ممتا’ (1984ع)، ‘حيدر خان’ (1985ع)، ‘هو جمالو’ (1986ع)، ‘مھراڻ جا موتي’ (1988ع)، ‘دشمن’ (1988ع)، ‘علي گوهر’، ‘بيوس’ (1989ع)، ‘شھيد’، ‘جيئي لطيف’ (1990ع)، ‘محب شيدي’ (1992ع)، ‘مسٽر شڪارپوري’ (1992ع) ۽ ٻيون شامل آهن. فلم اسٽار نديم سندس شاگرد رهيو آهي. 18 آگسٽ 1996ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.11.23  عيسوي

سنڌ جو مشھور فنڪار ۽ موسيقار ماسٽر غلام علي ولد استاد واحد بخش خان 23 نومبر 1933ع تي سيد جمال شاهه بخاري پاڙي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دارا-I
بکر فقير شهيد
پيرراڻو ڀنڀرو
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
امداد الله انڙ
بالاچ گرگيج
فتح محمد شاهه شيرازي
حبيب الله فڪري
ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘
برنس جيمس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون